ڪراچي / اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حس??ن چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده وقت جي گهرجن ۽ نظريه پاڪستان جي روح موجب تعليمي نصاب ۾ تمام جلد تبديلي ڪئي ويندي جنهن لاءِ تمام گهڻي تيزي سان ڪم جاري آهي. صدر اها ڳالهه اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اهل فڪر جي اها ذميواري آهي ته اهي تعليمي عمل کي وڌ کان وڌ لاڀائتو ۽ بامقصد بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون حڪومت کي ڏين ته جيئن اسان جا نوجوان بامقصد تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم ج?? خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت انهي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي تعليم جي ف??وغ جي لاء?? ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا