اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي، وزيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو اح??رام ڪيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پاناما ليڪس ۾ نالو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن پاناما ليڪس ??ئي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ته پاناما ليڪس تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀيرو عوام جي مينڊيٽ وٺي وزيراعظم بڻيو آهي اهو ش??وع ڏينهن کان ئي هي چاهي ٿو ته پاناما ليڪس جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، اح??جاج، ڪوڙا ال??ام ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پاناما ليڪس کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II