پوگس (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (ا?? پي پي) پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چار ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصو??ي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چار ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر ا??رف غني ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن ??ڳواڻن جو اجلاس گادي واري شهر دوشن??ي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ پوگس ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ??ان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجل?? پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ