پشاور – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر ترقي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جو معاملو مهينن جو نه پر ڏي??هن جو آهي ۽ فاٽا سڌارن کي ڪجهه عنصرن پاران سياسي رنگ ڏيڻ مذمت جوڳو آهي جيڪي 2018ع جي عام چونڊن ۾ ان جوڪريڊٽ کڻڻ چاهين ٿا، فاٽا سڌارا آخري مرحلي ۾ آهن ۽ ڪجهه ڏي??هن ۾ لاڳو ڪيا ويندا. جمردو خيبر ايجنسي ۾ ٽئين گورنر يوٿ اسپورٽس فيسٽيول 2017ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل چئن سالن دوران اڳوڻي وزيراعظم محمد ن??از شريف ۽ سرتاج عزيز جي سرب??اه?? ۾ فاٽا ريفارمز ڪميٽي فاٽا سڌارن جي ڊرافٽنگ جي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪي?? ۽ ??اٽا ۾ لاڳو هڪ صدي پراڻي نظام جي تبديلي جي حوالي سان سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج