اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد II تان عمران احمد خان نيازي جي ڪامياب?? جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن جي دوران 25 جولاءِ ت?? پولنگ جي ڏينهن بيلٽ جي رازداري پائمال ڪندي چونڊ ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي معافي قبول ڪري ورتي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد تان عمران خان جي ڪاميابي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا