اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ ۽ صارفين کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان منصوبابندي کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي هد??يت ڪئي آهي جڏهن ته ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جي طرفان گئس جي گهرج جي حوالي سان ڪاٿو لڳائڻ ۾ نااهلي ج?? مظاهرو ڪرڻ تي ڪمپريسرز جي حوالي سان معلومات لڪائي رکڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻنهي ادارن جي مينيجنگ ڊائريڪٽرز جي خلاف فوري ا??ڪو??ئري جو حڪم ڏيندي پيٽروليم واري وزير کي اها ڪارروائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. هن اهي حڪم ملڪ ۾ گئس جي فراهمي جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جي حوالي سان اع??يٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنا.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر