اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ جمهوري حڪوم?? کي جمهوري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو?? عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جمهوري حڪوم?? کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو ??ختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان جي چوڻ تي ميمبر استعيفيٰ نه ڏيندا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی