اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪا?? ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ محمد شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس ب??اري، ڪشمي?? ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خا?? آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪا?? ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهر?? دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania