اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي جي سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ ??نص??ف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. ه?? پاڪستان تحريڪ ??نص??ف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي جي سياست سان اخلاقي قدر پائما?? ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ س??نيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ ??نص??ف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.
عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪري ٿو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا