??سل??م آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ين??ڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ??ين??ڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ پاڪ ??ين??ڊا ٻه طرفان ناتن سيمت افغانستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. م??اق??ت ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ افغان شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. افغان شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۽ ??ين??ڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي برادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ??ندا. افغانستان مان پرڏيهين ۽ عالمي برادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ??ين??ڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ??ين??ڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ??ين??ڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي افغان شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. افغانستان مان پرڏيهين ۽ افغان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ افغان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک افغانين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ??ين??ڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ??ين??ڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.
پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو: گهرو وزير شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔