??سل??م آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئلن جي ڌٻڻ ۾ عمران خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذ??يد??ري عمران خان تي ??هي?? ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ?? عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري ??هي?? پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ان جو ذ??يد??ر عمران خان ??هي?? پنهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو ??هي?? توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو ??هي?? هن چيو ته عمران خان شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.
معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل