اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) ايراني سفارتخاني ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ م??وث عنصرن جي ايران ۾ م????ن رابطن جي الزامن جي حوالي سان ڪجهه ??اڪستاني صحافين پاران پڇيل سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪنهن ثبوت ۽ دستاويزي شهادتن کانسواءِ اهڙي قسم جا الزام غيرپيشيواراڻا ۽ ناقابل قبول آهن ۽ انهن جو مقصد پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ آهي. ايراني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ٽئ??ن ڌر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي، ??اڪستان ۽ ايران جي ويجهي لاڳاپن جي دشمنن جي فريب ۾ نه اچڻ گهرجي. بيان ۾ م??ڊيا تي زور ڏنو ويو آهي ته اها مستندد ۽ باضابطا ذريعن کان ملندڙ معلومات تي ڀروسو ڪري.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں