اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين مملڪتي وزير کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن ??ائ??ن سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي ب??ري ۾ مملڪتي وزير کي ب??يفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي جي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي شهرين جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي شهرين کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن ??ائ?? سروس جي ب??ري ۾ به مملڪتي وزير کي ب??يفنگ ڏني. هن ??ڌايو ته نادرا نئون جديد آن ??ائ?? نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني پاور آف اٽارني آن ??ائ?? گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪستاني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، هن ??دايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ٻاهرين ملڪ ??اڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير نادرا پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀ??ائ?? ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀ??ائ?? ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
حنا رباني کر پاران چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná