اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ ع??لم?? برادري جي تعاون سا?? متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ س??ني??ر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم ع??لم?? برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي ان??ن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.
تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números dupla sena