اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 بابت سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئ?? ج?? حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته چيني قيادت ڪشمير تي پنهنجي اصولي حمايت کي ورجايو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جي تازي سرڪاري دوري دوران صدر ش?? ج?? پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽ?? ج?? چيئرمي?? سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ساڻس گڏ هو. هن چيو ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي پهريون ٻطرفو دورو هو ۽ هو سي پي س?? ج?? تاريخي 20 هين قومي ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن مان هڪ هو. هن چيو ته دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان پڻ ٻطرفي ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي بي آر آئ?? ج?? فليگ شپ پراجيڪٽ جي طور تي سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي مڪمل اتفاق راءِ آهي جڏهن ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلو?? ج?? منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته چين شمسي توانائ?? ج?? صلاحيت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪئي ۽ هو پنهنجي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ شمسي توانائ?? ج?? منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. ان دوري دوران ٻطرفي واپار تي، پاڪستان جي روانگي واپار، خاص طور تي خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل واپار کي وڌائڻ جي لاءِ تجربن ۽ مهارت جي مٽاسٽا جي لاءِ گڏيل مطالعو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته چين ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ 500 ملين يوان جو اضافي هنگامي امدادي پئڪيج ڏيڻ ۽ مستقبل جي آفتن کي گهٽ ڪرڻ جي لچڪدار انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي سپريم ڪوآردينيشن ڪائونسل جي سياسي ۽ سيڪيورٽي بابت قائم گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وقتي پرڏيهي سيڪريٽر?? ج??هر سليم ۽ سعودي عرب جي سياسي معاملن واري نائب وزير ايمبيسڊر ڊاڪٽر سعود بن محمد الساطي ڪئي. اجلاس دوران گڏيل دلچسپ?? ج?? وسيع موضوعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين سياسي ۽ سيڪيورٽ?? ج?? شعبن ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وفدن پنهنجي ويجهي پاڙيسريت ۽ وسيع تر خط?? ج?? سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل هفتي ممبئي ۾ گڏيل قومن جي دهشتگرد?? ج?? خاتمي واري ڪميٽي (سي ٽي ڊي) جي اجلاس ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه کي واضح طور تي رد ڪيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي هڪ عوامي تقريب ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي انتهائي غيرذميواراڻي، اشتعال انگيز ريمارڪس جي پڻ سخت مذمت ڪئي آهي. هن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته رڳو آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڀارتي قابض فوج پنهنجي رياستي دهشتگرد?? ج?? مسلسل ڪاررواين ۾ 14 ڪشميرين کي فرضي مقابلن ۽ غيرقانوني حراست ۾ شهيد ڪيو، ڀارتي پوليس، نيم فوجي اهلڪارن ۽ بدنام زمانه نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي پڻ هڪ مهيني دوران والاريل علائق?? ج?? مختلف علائقن ۾ گهيراءُ ۽ تلاش?? ج?? ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران 47 ماڻهن کي گرفتار ڪيو جڏهن ته هڪ رهائشي گهر کي تباهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها والاريل ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ذميواري ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير جي آبادي کي تبديل ڪرڻ جي ان ڪڌ?? منصوبابندي سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين تي ان جي بي لگام وحشياڻي ڏاڍ جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بيجنگ ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ ورچوئل فارميٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس سي او جي پوري خطي ۾ وڌ کان وڌ رابط?? ج?? تعمير سان انٽرا ايس سي او تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي امڪانن کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي اهميت تي پڻ زور ڏنو جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام ذريعي گڏيل خوشحال?? ج?? شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 بابت سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر