اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ گڏجي ??م ڪرڻو آهي، پاڪستان صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي، ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي ??يف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي ل??ءِ خط لکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرنلسٽ سيفٽي فورم تحت گڏيل قومن جي 10 سالا پلان آف ايڪشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جرنلسٽ سيفٽي فورم جي ??يئرمين ۽ سينيئر صحافي حامد مير، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لائنلف، ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ۽ فرانس جي سفير نڪولس گيلي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کانسو??ءِ سينيئر صحافي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان هي اهم تقريب آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي مختلف طبقن جي ل??ءِ اظهار ر??ءِ جي آزادي اهم معاملو رهيو آهي ۽ ان جي ل??ءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اظهار ر??ءِ جي آزادي ۽ حقن جي تحفظ ل??ءِ جدوجهد ڪندڙ صحافين کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن جي جدوجهد جو نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا جي صدر سان مون پاڻ ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ۽ پرڏيهي وزير به ارشد شريف جي معاملي ۽ ان جي لاش کي وطن واپس آڻڻ جي ل??ءِ ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهيو. مون سپريم ڪورٽ جي ??يف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي ل??ءِ خط پڻ لکيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 33 سال ڊڪٽيٽرشپ رهي پر پاڪستان جمهو??ي ملڪ آهي ۽ رهندو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي ل??ءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم 1973ع جي آئين کي سياسي قيادت جي اتفاق ر??ءِ جو مظهر قرار ڏيندي چيو ته اختلافن جي باوجود مقدس مقصد جي ل??ءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سياستدانن هڪ آئين تي اتفاق ڪيو، جيڪو سڀني کي جوڙڻ واري هڪ طاقت آهي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي. ميڊيا جمهوري حڪومت جو اهم ٿنڀ آهي ۽ صحافي براد??ي منهنجي دل جي ويجهو آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ قانون منظور ڪيو. اسان جي حڪومت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ قانونسازي جي حمايت ڪندي. وزيراعظم چيو ته گذريل سال پارليامينٽ ۾ صحافين جي تحفظ جو قانون اتفاق ر??ءِ سان منظور ڪي??. ه?? چيو ته ان ۾ سيڪشن 6 جي اضافي جي معاملي جو جائزو ورتو ويند??. ه?? چيو ته اظهار ر??ءِ جي آزادي آئين ڏني آهي ۽ صحافين جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به صحافين ۽ ميڊيا کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم يورپ سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ??مو??ن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته ان کانسو??ءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جرنلسٽ سيفٽي فورم صحافين کي درپيش مسئلن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.
ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آهي، حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر