ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي هندو برادري جو ??لڪ جي ترقي ۽ قوم س??زي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو ??لڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چيو ت?? هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري جو قيام پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جو نصب العين آهي. هن چيو ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظريي جي واحد علمبردار پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? ??لڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم س??ن گڏ بيٺل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جُون مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا