اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني س??ڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر جي نالي خط ??کيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي س??ولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني س??ڙپڪار ملڪ مح??د آصف کي ڪاروباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ مح??د آصف انڊونيشيا جي عملدارن کي پاڪستاني س??ارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ملڪ مح??د آصف صدر کي انڊونيشيا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.
صدر پاران انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ ذاتي ڌيان جي درخواست
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر