اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي س??ن هر ممڪن قدم ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪي?? وڃي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪي?? وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي س??ل جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مالي س??ل 24 – 2023ع جي بجيٽ جي تياري جي حوالي س??ن هڪ اهم ??جل??س اسلام آباد ۾ ٿيو. ??جل??س ۾ معاشي ٽيم پاران و??يراعظم کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته آمدني ۽ اوڳاڙين جي حوالي س??ن هن سال جي نظرثاني ٿيل ۽ ايندڙ سال جي ٽارگيٽيڊ ڪاٿي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ??جل??س جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي س??ن هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته وچولي ۽ غريب طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي وقت سر حڪمت عملي س??ن يوريا ڀاڻ جون قيمتون مسلسل گهٽ ٿي رهيون آهن جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ طرف وڌندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پ??لي??ين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترن ئي س??لن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزيراعظم پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪي?? وڃي ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهجي ۽ پينشنرز جي بهترين ڀلائي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪي?? وڃي. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي س??ل جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. ??جل??س کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستاني معيشت م??لي??تي استحڪام طرف گامزن آهي ۽ م??لي??تي خساري ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. ??جل??س ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ملڪ احمد خان، طارق پاشا، طارق باجوه، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبرن قيصر احمد شيخ، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم