انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي پک??ڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو. ترڪيه جي ??نادولو ايجنسي ??مي?? تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي ??والي سان ٻڌايو ته ملڪ ۾ تباهي پک??ڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 تائين پهچي ويو آهي. چيني خابرو اداري جي ??پورٽ ۾ شام جي ??حت واري وزارت جي ??والي سان ٻڌايو ويو آهي ته شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ماڻهو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا رپورٽس ۾ امدادي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ماڻهو فوت ۽ 2850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن . واضح رهي صحت جي ??المي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس