پيرس – 07 جون (اي پي پي ) اسپين اعلان ڪيو آهي ته ان??اف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران غزه ۾ نسل ڪشي جي حوالي سان اسرائيل خلاف ڪيس ۾ ڌر طور شامل ٿيندو. اي ايف پي موجب اسپين جي پرڏيهي وزير جوز مينول البريس جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هيو ته اسان جو واحد مقصد جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جي منصوبي تي اڳتي وڌڻ آهي. پرڏيهي وزير جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن هفتو اڳ اسپين آئر لينڊ ۽ ناروي سان گڏجي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. ڏکڻ آفريقا گذريل سال اسرائيل خلاف ان??اف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ نسل ڪشي تي ڪيس ڪيو هو. ڏکڻ آفريقا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي غزه ۾ جنگ گڏيل ??ومن جي 1948ع جي نسل ڪشي جي حوالي سان ڪنونشن جي خلاف ورزي آهي. اسرائيل ڏکڻ آفريقا جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي. آئي سي جي جمعي تي اسرائيل کي حڪم ڏنو هيو ته هو گڏيل ??ومن جي مقرر ڪيل جانچ ڪندڙن کي نسل ڪشي جي الزامن جي جاچ لاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي غزه تائين پهچڻ ڏي. 26 جنوري جي رولنگ ۾ آئي سي جي اسرائيل کي حڪم ڏنو هو ته هو غزه آپريشن دوران نسل ڪشي جي ڪنهن به فعل کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. تنهن هوندي به ان کانپوءِ به ڏکڻ آفريقا ڪيترائي ڀيرا ان??اف عالمي عدالت سان رابطو ڪري غزه ۾ جاري انساني الميي جي ڏس ۾ هنگامي قدمن جو مط??لب?? ڪيو. 24 مئي تي آئي سي جي اسرائيل کي رفح آپريشن فوري طور بند ڪرڻ ۽ انساني امداد جي غزه تائين پهچ جي لاءِ سرحدي لنگهه ک??يل رکڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسپين پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڌر بڻجڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری