اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف کي فاٽا سڌار?? واري ڪميٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ کي عام ڪيو ويندو ته جيئن ان تي وڌيڪ بحث خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ انهن سفارشن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب فاٽا ۾ سڌارن بابت رپورٽ تي ڪالهه اربع ڏينهن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي پي پي کي مليل تفصيلن موجب وزيراعظم جي پرڏيهي معامل?? واري صلاحڪار سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ 5 رڪني فاٽا سڌار?? واري ڪميٽي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا جي پارليامينٽ ميمبرن، قبائلي اڳواڻن ۽ سمورين ڌرين سان ملاقاتن کانپوءِ سڌارن جي لاءِ چار بنيادي آپشنن جي سفارش ڪ??ي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل