لاهور – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي، عمران خان موٽروي جون جيڪي خوبيون اڄ ٻ??اي??ن اهي نواز شريف ڪيترائي سال اڳ ٻڌائي چڪو آهي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ 16 هين عالمي ٽيڪسٽائيل ايشيا نمائش جي اف??تاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان 2016ع جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي ۽ 2018ع تائين وڌيڪ بهتر ٿيندو. هن چيو ته پهرين هڪ ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿيندا هئا هاڻي دهشتگردن جي چيلهه ٽٽي چڪي آهي، اسان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جو پڪوپهه ??يو آهي ۽ اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن پاڪستان محفوظ ملڪ بڻجي وي??دو.
حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا