اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي پارلياماني سيڪريٽري بيريسٽر محسن رانجها رائيونڊ مارچ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ پ??هنجي ماڻهن جا ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون ??چڻ تي عمران خان احتساب بدران احتساب ڪميشن جي سربراهه کي ئي گهر موڪلي ڇڏيو جڏهن ته انصاف جو نعرو هڻندڙ پنهنجي ماڻهن تي لڳل ڪرپشن جي الزامن تي انڪوائري تائين نه ڪري سگهيا. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته وزيراعظم جو نالو پاناما پيپرز ۾ نه آهي پر سياست کي چمڪائڻ جي لاءِ ۽ ذاتي بغض جي بنياد تي ڪجهه ماڻهو زبردستي ان کي ان مسئلي ۾ شامل ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری