اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته شريف خاندان ??ان??ما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حق تان هٿ کڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريقيڪار سان ڪجهه شڪ پکڙيا ۽ سازش جي ڌپ اچي رهي آهي،. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي دل ۾ بغض هجي ها يا جاچ کان ڊڄون ها ته فيصلي تي مٺائي نه ورهايون ها، ڇا اسان مٺائي ان لاءِ و??هائي جيڪو طريقيڪار سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو طريقيڪار لکيو هو، ڇا ان طريقيڪار مو??ب جي آءِ ٽي ٺهي آهي. هن چيو ته ڇا جي آءِ ٽي انهن سمورن ثبوتن کي کڻي اڳتي وڌ??، ڇا جي آءِ ٽي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ڌئونس ڌانڌلي جي ذريعي ماڻهن کي چيو ويو ته بيان حلفي واپس وٺو نه ته 15 سالن جي لاءِ جيل ۾ وڌ?? ويندو.
شريف خاندان پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔