ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي، اسان جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نوا?? شريف جي اعلان ڪي?? سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪي?? ويندو، حڪومت صوبن جو ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب رپيا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صوبي سان ڪنهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحا??ين سان ڳالهائيندي ڪي??. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ محمد نوا?? شريف جي ترقياتي ويزن تحت جاري اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪي?? وينديون جن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪمل ڪي?? ويندو، ان منصوبي تي پڻ هلندڙ سال ڪم شروع ڪي?? ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس