اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ڪيڊ واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ سياسي تجربي ڪرڻ جي لاءِ ناهي ٺاهيو ويو، پي ٽي آءِ پاڻ ب?? عوامي خدمت ڪري ۽ اسان کي به ڪرڻ ڏي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي پهرين سال کان ئي ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست شروع ڪئي وئي جنهن جو نقصان عوام کي ٿيو، مخالف ڌر جي رويي ملڪ کي ڪمزور ڪيو، نواز شريف قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ۽ ملڪ مان اونداهيون ختم ڪيون. اهڙن خيالن جو ا??ها?? مملڪتي وزير اسلام آباد هاءِ وي تي سوهان انٽرچينج جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. اهو منصوبو 74 ڪروڙ رپين جي لاڳت ??ان مڪمل ڪيو ويو. ان جي ڪري زيرو پوائنٽ کان ڪورال چوڪ تائين سگنل فري ڪوريڊور قائم ٿي ويو آهي، مملڪتي وزير 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت ??ان زيرو پوائنٽ کان ڪورال چوڪ تائين سروس لين جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے