پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??معي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي مردان خا?? ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردا?? ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران ??ان ڄاڻايل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردا?? ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردا?? ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها عمارت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان ??ي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عمارت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان ??ي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عمارت علي مردان خان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان ??مارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين اتي رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان ??مارت کي سرڪاري ط??ر تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان ??ان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان ??اريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها عمارت رڪارڊ روم جي ط??ر تي به استعمال ۾ رهي آهي.