اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سا?? هلندڙ توسيع خدمتن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستا?? ۾ ??نقلاب برپا ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ضرورت آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم چيو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصل?? ۾ ??حقيق لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا ??ڃن?? هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻچڙن جي پرورش جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ متعارف ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.
وزيراعظم پاران سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل روڪڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات