اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد ج?? ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏ??نهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد ج?? ذريعي ڪشمير?? عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشمير?? عوام سان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري ويا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فواد حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرا??دا?? جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشمير?? عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرا??دا??ن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد ج?? ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
ڪشميرين سان ڪيل واعدو 73 سال گذري ويا پر اڃان پورو نه ٿيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم