مظفرآباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لا??ِ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي قابل قدر انساني وسيلن مان فائدو کڻڻ لا??ِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن مظفر آباد ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ پروفيشنلز صحت جي ڪيترن ئي نظرانداز شعبن ۾ مسئلن جي حل لا??ِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جتي آگاهي جي ذريعي واضح فرق پيدا ڪري سگهجي ٿو، صدر وڌندڙ آبادي، عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ احتياطي ت??بيرن بابت ڊاڪترن جي رهنمائي لا??ِ موثر پاليسي تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس جو شڪار آهي جنهن تي تقريبن 3 ارب ڊالر خرچ ايندو آهي، هن چ??و ته عورت ڊاڪٽرن کي پنهنجو پروفيشن جاري رکڻ لا??ِ انهن جي صرف حوصلا افزائي ڪافي نه آهي، پر عملي حڪمت عملي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آهي، هن آن لا??ين طريقن سان طبي مشاورت ۽ ٽيلي ميڊيسن جي نقطه نظر جي فروغ جي ت??ويز ڏني ته جيئن عورت ڊاڪٽرز پنهنجي پروفيشن ۾ ڪم جاري رکي سگهن جيڪي پنهنجي گهريلو ذميداريون پوريون ڪرڻ لا??ِ ملازمتون ڇڏي ڏينديون آهن، هن چ??و ته ملڪ کي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لا??ِ موجوده 2 لک نرسن جي مقابلي ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، هن چ??و ته ميڊيڪل گريجوئيٽ ڊاڪٽر بڻجي انسانيت جي خدمت ۽ همدردي جي عمل ڪن. هن روايتي پيشيوراڻي ت??ليم سان گڏوگڏ نوجوانن جي سٺي ڪردارسازي جي اهميت تي زور ڏنو، هن چ??و ته ميڊيڪل گريجوئيٽس پنهنجي پروفيشن کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري ادا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي انسانيت جي مدد ۾ معاونت ڪن، انسانيت جي سارسنڀال کانسواءِ ميڊيڪل جو شعبو نامڪمل آهي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيلٿ سائنسز اينڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي مطالبي جي ح??اي?? ڪئي. هن چ??و ته پاڪستان سدائين ڪشميرين جي ح??اي?? ڪئي ۽ دنيا کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا مسلسل ياد ڏياريندو رهيو آهي، هن چ??و ته پاڪستان ۾ اسلامي ت??اون تنظيم جي ت??زي اجلاس دوران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن کي اجاگر ڪيو ويو، هن چ??و ته ڀارت ۾ مسلمان بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. صدر جينوسڊ واچ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اقليتن کي شديد نفرت درپيش آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، صدر ڪامياب ٿيندڙ گريجوئيٽس، والدين ۽ استادن کي انهن جي ڀرپور محنت تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چ??و ته خانداني نظام پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاشري جي خوبصورتي آهي، جنهن سان ملڪ جا شهري پاڻ ۾ جڙيل آهن.
صدر پاران روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو