اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي پاڻ چنئوڻ تي وڏ?? دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، قوم کي تاريخ جي بد??رين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏ?? چئلينج درپيش آهي، قومي اتحاد ۽ يڪجهتي سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وز??را??ظم چيو ته اڄ قوم دفاع جو ڏهاڙو هڪ اهڙي وقت ۾ ملهائي رهي آهي جڏهن ملڪ کي بد??رين ٻوڏ درپيش آهي. سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيون پيون وڃن، انهن جي لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. دفاع جو ڏهاڙو اسان کي 57 سال اڳ ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن اسان جي مڪار دشمن رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو پر اسان جي بهادر فوج جي آفيسرن، جوانن 7 سپاهين لااله الاالله جو ورد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وز??را??ظم چيو ته نه رڳو پوري پاڪستاني قوم پر اسان جون ايندڙ نسلون ۽ اسان جا ٻار انهن شهيدن ۽ غازين کي سدائين ياد رکندا. وز??را??ظم چيو ته اڄ ج?? ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته جڏهن قوم هڪ ٿي وڃي ۽ رنگ ۽ نسل ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي متحد ٿي وڃي ته پوءِ وڏ?? کان وڏ?? مشڪل ۽ چئلينج کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبي سان سرشار جوان دشمن جي ناپاڪ ارادن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ويا ۽ فضائين تي ڇائنجي ويا. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج پاڻ کان چنئوڻ تي وڏ?? فوج کي گوڏا کوڙايا، اڄ ٻيهر پاڪستاني قوم کي هڪ وڏ?? چئلينج درپيش آهي. مهراڻ جي وادين کان وٺي بلوچستان جي سنگلاخ پهاڙن، خيبرپختونخواهه جي برف پوش پهاڙن، ڏکڻ پنجاب جي ميدانن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين هر جڳهه ٻوڏ ريلن تاريخ جي بد??رين تباهي مچائي آهي. ڪالهه آئون قمبر شهدادڪوٽ ويو هئس جتي هزارين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آهن. هر طرف ڦهليل پاڻي سمنڊ ج?? ڏيک ڏئي رهيو آهي. لکين گهر تباهه ٿي ويا آهن. 1300 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين ٻار به شامل آهن جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ لکين جانور ٻوڏ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون آهن. سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي. سو??ت، ڏکڻ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻوڏ جي وڪڙ ۾ آهن ۽ هر جڳهه تي پاڻي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. اهڙين حالتن ۾ اڄ ٻيهر قوم انهي جذبي ۽ حوصلي سان سرشار آهي جنهن جو مظاهرو هن 1965ع ۾ ڪيو هو. پورهيت، آبادگار، شاگرد، مزدور، سنڌي، بلوچي، پنجاب، پٺاڻ سڀ هڪ ٿي نئين تاريخ لکي رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته لسٻيلا ۾ سان جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. غذر ۾ هڪ ئي خندان جا 8 ماڻهو ريلي جي ور چڙهي ويا ۽ رڳو هڪ بزرگ ۽ ان جي معذور ٻارڙيءَ باقي بچي ويا. اهڙا داستان هر جڳهه تي وکريل آهن پر پوري قوم هڪ ڀيرو ٻيهر متحد ٿي چڪي آهي. وز??را??ظم ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چنئوڻ تي وڏ?? دشمن کي شڪست ڏني، انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون.
قوم کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ