اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪر?? ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪر?? ڇڏي، ??حمد شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ولد فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، ??حمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪر?? ڇڏي آهي، ??حمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محمد اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪر?? ڇڏي، ??حمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو ??هي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار ر??ي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا