ڪراچي-18 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ??يمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خا??دانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير امدادي سرگرمين بابت جاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 500 خا??دانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. اهڙي طرح دادو ۾ 4000، حيدرآباد 3000، سک?? 4100، ميرپورخاص 1000، جيڪب آباد 1000، لاڙڪاڻو 3510، قمبر شهدادڪوٽ 6500، خيرپور ميرس 6320، ٺٽو 2500 ۽ شڪارپور ۾ 5400 خا??دانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1762669 خا??دانن ۾ راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ??يمڻ چيو ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هاڻي تائين متاثرن کي 626607 خيما، 541542 پلاسٽڪ ترپال، 3273337 مڇردانيون، 803496 ليٽر منرل واٽر، 72927 جيري ڪينس، 162323 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 12176 متاثر ريليف ڪيمپن مان گهرن ڏانهن واپس رو??نا ٿي ويا آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 195282 متاثر موجودآهن. جن ۾ 41228 ٻار ۽ 38560 عورتون شامل آهن. رليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 785 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن. شرجيل انعام ??يمڻ چيو ته درياء سنڌ ۾پا??ي جي سطح هيٺين سطح تي آهي. گڊو بيراج تي پا??ي جي آمد 59900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 52100 ڪيوسڪ آهي. سک?? بيراج تي پا??ي جي آمد 48300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 29900 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پا??ي جي آمد 74900 ۽ اخراج 45100 ڪيوسڪ آهي. صوبائي وزير چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پا??ي جي سطح 115.5 فٽ آهي.
سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37830 خاندانن کي راشن بيگ فراهم ڪيا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن