اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه ع??رف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان ??رض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان ??اسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏوران??ن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ??وقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه ع??ئ??ه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائ??ه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان ??ڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان ??ڪ عورت ان ??رض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان ??ومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز