انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي ۽ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ??تيجي ۾ قيمتي انساني ??ان??ن جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو ترڪ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه ۾ آهي، صدارتي محل پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ترڪيه روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??اءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو پيغام کڻي ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻن جدا رياستن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي جذبي تحت اسان انهن جي ??قصان کي پنهنجو سمجهون ٿا. صدر اردوان سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ڏک?? ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو مشڪل وقت ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ??ڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ڏک?? ترڪيه ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. ترڪيه عوام جي ??دد جي ??اءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي ??گراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي ??چ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.
وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر سان ملاقات، زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث