اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پنجاب صوبي جي چونڊ?? لاءِ پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. شهباز شريف پارٽي صدر جي طور تي اهي هدايتون جاري ڪيون. پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوارن جي فهرستن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پارلياماني بورڊ کي به هدايت ڪئي آهي. اميدوارن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب صوبي ۾ نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 14 مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ٿيڻ جي ڏس ۾ پنهنج?? پنهنجي تڪن ۾ ڪاغذ جمع ڪرا??ين. محمد شهباز شريف اميدوارن جي نال?? پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ جو نالو وٺي چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪريو. م??لم ليگ (ن) پاڪستان ۽ عوام جي خدمت جو نالو آهي. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۾ اسان سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي، هاڻي به سرخرو ٿينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي، دهشتگردي جو خاتمو، عوام جي لاءِ بهترين سفري سهولتون قائد نواز شريف ۽ ان جي پارٽي جي سڃاڻپ آهي. محمد شهباز شريف چيو ته جهڙي طرح ب??لي جي اونداهين کي ختم ڪيو، پاڪستان کي معاشي قوت بڻايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اهي منزل حاصل ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا، ليپ ٽاپ، وظيفا ڏنا، اهو سفر اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ملڪ کي معاشي تباهي، مهانگائي ۽ مسئلن جي عذاب ۾ مبتلا ڪندڙن کي عوام ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي. پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي صدر چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چونڊ اميدوارن کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي لاءِ 180 ايڇ ماڊل ٽائو?? لاهور پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پاران پنجاب صوبي جي چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون طلب
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر