اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، بلوچستان، سنڌ ۾ به تمام جلد مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي ويندي، وزيراعظم جي هدايتن تي سستي پيٽرول جي اسڪيم تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف سان ??اري ڳالهين واري عمل جي باوجود وزيراعظم رمضان ??لمبارڪ ۾ عوام جي مفت اٽي جو تحفو ڏنو آهي. هو ملڪي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پ??ڪس??ان ??ي عوام کي هڪ خوشخبري کان ??گاهه ڪري رهي آهيان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي ورڇ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پ??ڪس??ان ۾ هن وقت جيڪا معاشي صورتحال، آءِ ايم ايف جو معاهدو اڃان ڳالهين جي عمل ۾ آهي ان ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ان ??ذبي، نيت ۽ عزم جو عهد ڪري ٿو ته شهباز شريف سدائين پ??ڪس??ان ??ي عوام جي مشڪلاتن بابت سوچيو ۽ سهولت فراهم ڪئي. هن چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا کي استعمال ڪندي مفت اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم جو اهو ئي ويزن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به شروع ٿي ويندو. هن چ??و ??ه وزيراعظم جو ٽريڪ رڪارڊ آهي جڏهن به ملڪ ۾ ٻوڏ هجي، قدرتي آفت يا رمضان پئڪيج هجي يا ڪو به عوامي خدمت جو منصوبو هجي ان ??ي شفافيت ۽ معيار جي مانيٽرنگ هو پاڻ ڪندو آيو آهي، ان ??ي ڪري کيس شهباز اسپيڊ سڏيو وڃي ٿو جيئن شفافيت جي منصوبن تي ڪا آڱر نه کڄي سگهي. هن چ??و ته سستي پيٽرول اسڪيم تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. سستي اٽي جي مد ۾ 74 ارب لاڳت ايندي، هن وقت تائين 42 لک ماڻهن تائين اٽي جا ٿيلها مفت ورهايا ويا آهن، پنجاب ۾ 41 لک، خيبرپختونخواهه هڪ ڏينهن جي اندر 75 هزار ٿيلها ۽ اسلام آباد ۾ 20 هزار ٿيلها هڪ ڏينهن ۾ ورهايا ويا آهن، وزيراعظم پاڻ قصور ۽ لاهور جو دورو ڪيو ۽ مفت اٽي جي فراهمي جي عمل ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. پهريون ڀيرو ان ??طح تي سستي اٽي جي فراهمي ٿي رهي آهي ته ڪجهه مشڪلاتون سامهون آيون جنهن تي وزيراعظم پاڻ ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن کان ??ٽي جي مفت فراهمي ۾ درپيش مشڪلاتن بابت پڇيو آهي، وزيراعظم باقي علائقن ۾ به ويندو، انتظاميا اٽي جي معيار بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي جي بنياد تي ان ??والي سان ??پورٽ وٺي ٿو، رمضان ??لمبارڪ ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي. هن چ??و ته (ن) ليگ سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي، بجلي جا منصوبا هجن يا صحت ڪارڊ، ميٽرو بس هجي يا يوٿ اسڪيم، ليپ ٽاپ جي فراهمي هجي يا سستي قرضن جي فراهمي هجي اهو سڀ ڪجهه (ن) ليگ جي دور حڪومت ۾ ٿيو آهي. هن چ??و ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت وئي ته مهانگائي جي شرح 2.4 هئي، چار سالن دوران مهانگائي جي شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي، 2018ع تائين محمد نواز شريف اٽي جي قيمت في ڪلو 55 رپين کان وڌڻ نه ڏني، کنڊ جي قيمت 52 رپيا، گيهه، مصالحن، ڀاڄين جي شرح 2.4 سيڪڙو تي هئي. هن چ??و ته جڏهن خزانو ڀريل هو ته ان وقت خزاني کي ڦريو ويو ۽ عوام کي تڪليف ڏني وئي، اٽي، کنڊ چورن عوام کي ڦريو، عوام کي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، اهي ماڻهو جيڪي خزاني کي ڦري ويا آهن، آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام ڏئي ويا آهن جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ اهي ئي چور عدالتن ۾ پيش به نه ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته رمضان ۾ عوام کي ڏني ويندڙ سستي اٽي ۽ پيٽرول جي سهولت بنا رڪاوٽ جاري رهندي، هڪ ڊيش بورڊ ٺاهيو ويو آهي جتي سمورين مشڪلاتن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چ??و ته شهباز شريف ٻوڏ جي صورتحال تي جهڙي طرح ضابطو آندو ان ??و مثال نه ٿو ملي، ٻوڏ جي سمورين ريليف سرگرمين جو هن پاڻ جائزو ورتو آهي. هن چ??و ته اڄ جيڪو شخص ملڪ ۾ فساد، انارڪي چاهي ٿو اهو ان وقت شهباز شريف جو مذاق اڏائيندو هو جڏهن هو فيلڊ ۾ وڃي عوام جي تڪليف ۽ ڏکن جو مداوو ڪندو هو.
وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، بلوچستان، سنڌ ۾ به تمام جلد مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي ويندي، وزيراعظم جي هدايتن تي سستي پيٽرول جي اسڪيم تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena