اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي ??دت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ان سان واڳيل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ??فراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان بابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ??رورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي ??دت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ان سان واڳيل خطرا بدستور برقرار آهن. هن چيو ته طوفان غير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي ??منڊ سان گڏوگڏ ان جو رخ پاڪستان جي ??امونڊي علائقن ڏانهن به آهي، اسان کي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان تبديل ٿي ويو آهي جنهن جي ??طح تي هوا جي ??فتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي ??فتار آهي. طوفان ڪراچي کان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان اڄ 14 جون جي ??بح تائين اتر جي ??خ ۾ جڏهن ته بعد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان جي ??ورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي ??منڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. سامونڊي طوفان سبب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. شيري رحمان چيو ته طوفان جي ??ورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته طوفان جي ??ثر وارن علائقن ۾ ڪمزور بنيادي ڍانچي، بل بورڊن، ڪچين ڇتن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت خطري جو امڪاني طور شڪار ٿيندڙ علائقن مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا اهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته کليل سمنڊ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملاحن کي ان حوالي سان احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن لاءِ الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سامونڊي طوفان بابت بر??فن?? ڏني ۽ ٻڌاو ته موسميات کاتي جي ??ڳڪٿي بنيادن تي سامونڊي طوفان بابت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو. طوفان ۾ 5 جون بعد شدت اچڻ شروع ٿي هئي، ۽ ان انتهائي شديد طوفان جي ??ڪل اختيار ڪئي. هن چيو ته طوفان سان سنڌ جي لاڳاپيل سامونڊي علائقن کان علاوه بلوچستان جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيمپن بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽي آهي، اهو 15 جون تي منجهند جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن سان ٽڪرائجي سگهي ٿو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن