لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻ??لهه ڪئي، آڪسفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ م??ڪر?? جي ميزباني جي لاءِ مشهور آهي، ا?? وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳالهه ٻ??لهه دوران نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران وزيراعظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيراعظ?? کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي مطالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب ??ڪر?? مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ ??ڪر?? ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي عز?? کي اجاگر ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ