اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قادري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ت??زي??ي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان ت??زي?? ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته نثار قادري جي لاڏا??ي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سمي?? فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قادري جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا