اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري ب??طر??ين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان ??اڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري ب??طر??ين جي حوالي سان ??يمرا چيئرمين سان ??ڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان ??سئلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? چيئرپرسن سان ??ڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري ب??طر??ين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.
صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج