اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين ??ي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پا??لي??مينٽ هائوس ٻاهران صحافين ??ان ڳالهائيندي هڪ ??وال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي ??ما??ت ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئين ??ي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستان جي پا??لي??ماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.
آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ