اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر مع??ملن ??ي گڏيل مصروفيتن جي ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير علي صبري جي وچ ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ (نام) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي سريلنڪا سان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ع??م تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻطرفن مضبوط لاڳاپن تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. هن ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر مع??ملن ??ي گڏيل مصروفيتن جي ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ