اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايران پاران پنهنجي فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي ج?? سخت مذمت ڪندي چيو ??هي ته پاڪستان جي خودمختياري جي اها خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا ۽ نتيجن جي سڄي ذميواري ايران تي لا??و هوندي. پرڏيهي کاتي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان ايران پاران پنهنجي فضائي هروڀرو خلاف ورزي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻار مارجي ويا ۽ 3 ٻارڙيون زخمي ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس چيو ??هي ته اها ڳالهه وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن جا ڪيترائي چينل موجود هجڻ جي باوجود هي غيرقانوني عمل ٿيو ??هي. پاڪستان پاران اڳ ۾ ئي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزارت ۾ لا??اپيل سينيئر عهديدار وٽ ان واقعي ت?? سخت احتجاج درج ڪرايوويو ??هي. ان کانسواءِ ايراني ناظم الامور کي به پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ??هي ته جيئن پاڪستان جي خودمختياري جي ان خلاف ورزي ج?? سخت مذمت ڪئي وڃي ۽ اهو ته ان جي نتيجن جي ذميواري پوري طرح سان ايران تي لا??و ٿيندي. پاڪستان سدائين چيو ??هي ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي جنهن جي لاءِ جامع ڪارروائي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح جون هڪ طرفيون ڪارروايون سٺن پاڙيسري لا??اپن موجب نه آهن ۽ اهي ٻطرفي اعتماد ک?? سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
پاڪستان پاران ايران پاران پنهنجي فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي جي سخت مذمت، پاڪستان جي خودمختياري جي اها خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری