اسلام آبا-08 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سڀ کان پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آه??، نيشنل ??اءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن ??ي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل ??اءِ وي اٿارٽي جي هيڊڪوارٽرز ۾ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته واپاري نقطه نظر سان اسان جي سمورين شاهراهن ۽ روڊ نيٽ ورڪ جو اصل هدف سينٽرل ايشيا جا ملڪ هجڻ گهرجن جنهن ??و ملڪ ۽ قوم کي وڌ کان وڌ فائدو ٿيندو. هن چيو ته هو کاتي کي نئون ٽاسڪ ۽ محڪماڻي ايڪشن پلان ڏئي رهيو آهي جنهن ??حت سرڪاري فنڊز ڪنهن ??ه صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪرپشن تي ”زيرو ٽالرنس“ هوندي ۽ عوامي مفادن جي منصوبن کي قابل عمل بڻائيندي گهٽ ۾ گهٽ رقم مان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ڪنداسين. وفاقي وزير وڌ??ڪ چيو ته اين ايڇ اي ۾ صلاحيتن جي ??ا کوٽ ناهي، ٿوري ڪوشش سان هي ادارو سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين منصوبن ۾ پرڏيهي منصوبن جا ٺيڪا حاصل ڪري سگهي ٿو. هن ??ين ايڇ اي جي جاري منصوبن تي ملٽي نيشنل ڪمپنين کان ٿرڊ پارٽي اويليويشن جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل ??اءِ وي اٿارٽي کي پراڻو سسٽم ڇڏي پرائيويٽ سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ??ه اين ايڇ اي وسيلن کي وڌائي پنهنجي ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۽ ٻين رعايتن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو جنهن ??ان نون منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ٿيندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي جي ??نهن ??ه شاهراهه تي مقرر وزن کان وڌيڪ ٽريڪن کي نه اچڻ گهرجي ۽ لاهور سيالڪوٽ سميت سمورن موٽر ويز تي ”ايم ٽيگ“ يقيني بڻائي ڊگهين قطارن کي ختم ڪرڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته هو پاڻ به سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو ته جيئن نيشنل ??اءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن کي ڪم جي رفتار جو موقعي تي جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير نيشنل ??اءِ وي اٿارٽي جي ??وادر سميت بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن ۾ خضدار کان ڪچلاڪ، سراب کان قلات، قلات کان مستونگ، مستونگ کان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا کان ڪچلاڪ جون شاهراهون شامل آهن. اجلا س ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان کي نون ٽول پلازائن جي تعمير، بين الصوبائي شاهراهن ۽ اين ايڇ اي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ضروري فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
سڀ کان پهرين ترجيح سکر کان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں