اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ??تا?? کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ترقياتي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو ??ون??و، 2035ع تائين پاڪ??تا?? کي هڪ ارب ڊالرن جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ??ي ??يس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ ترقياتي بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، ترقياتي بجيٽ جي استعمال ۾ شفافيت کي ??قي??ي بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحران جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ ترقياتي بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تائين محدود هو، اسان 2018ع تائين ان کي هڪ هزار ارب روپين تائين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ها ته اڄ اها ترقياتي بجيٽ 3 هزار ارب روپئين تائين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024?? ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي ترقياتي بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي ترقياتي منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ ترقياتي بجيٽ جو 12 سيڪڙو هو اڄ گهٽجي چار سيڪڙو تائين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ ترقياتي بجيٽ 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو ترقياتي بجيٽ جو مطالبو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير چيو ته اسان ترقياتي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان تعين ڪرڻو ??ون??و. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي هلايا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع تائين پاڪ??تا?? کي هڪ ارب ڊالر جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو ??ون??و. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا ??ون??ا. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام جي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.
پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ