اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممت??ز زهره بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس جي سرڪاري دوري تي هڪ پارل??ام??ني وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منسڪ ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس جي ڪائونسل جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارل??ام??ني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو ور??اء?? ڪيو. ڌريون زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي جاري رکنديون خاص طور تي ٻطرفي واپار کي وڌايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس جي سرڪاري دوري تي پارل??ام??ني وفد جي قيادت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بيلاروس جي سرڪاري دوري تي پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت