نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، ڪاربن اخراج ۾ پاڪس??ان جو حصو رڳو 2 سيڪڙ?? آهي جڏهن ته نقصانن جو ڪِيتو سڀ کان وڌيڪ پاڪس??ان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿ?? آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪس??ان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ??اراض ڪيو، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بحال ٿيا، پاڪس??ان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪ?? آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ جي ريٽنگز اپ گريڊ ٿيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي وي?? آهي. گڏيل قومن جي بلڊنگ آڏو صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي اها ڳالهه ڪندو رهي?? آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي?? آهي، غزه، خان يونس، رفح ۾ معصوم فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهي?? آهي. دنيا کي اسرائيلي ڏوهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جڏهن به فلسطين جي ڳالهه ڪئي ته اهو موقف پيش ڪيو ويو ته پاڪس??ان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فلسطين ۾ امن قائم ٿئي، جنگبندي ٿئي، پاڪس??ان سي 130 جهازن ۽ سامونڊي جهازن جي ذريعي امدادي سامان فلسطين موڪليو، فلسطين ۾ جن ميڊيڪل شاگردن جي تعليم نامڪمل رهجي چڪي آهي، پاڪس??ان انهن شاگردن کي ??نهنجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته فلسطين جا شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪن ته جيئن فلسطين ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ نه ٿئي. هن چيو ته فلسطين مسئلو اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ??و. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، دنيا ۾ پاڪس??ان جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو 2 سيڪڙو حص?? آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جا نقصان ڀوڳڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪس??ان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ پاڪس??ان متاثر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪس??ان ۾ پاڻ ٻوڏ جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان دهشتگردي جي هٿان وڏا نقصان کنيا آهن، اهي اسان اڃا به ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي 2018ع کانپوءِ آئسوليشن جو شڪار هئي، اوڀر، اولهه ۽ وچ اوڀر ۾ اسان جا دوست ملڪ ناراض هئا، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان لاڳاپا بحال ٿيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي. پاڪس??ان جي معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پاڪس??ان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪ?? آهي، دنيا پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪس??ان ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بلومبرگ پاڪس??ان جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏن?? آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪس??ان جي ريٽنگز اپ گريڊ ڪيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي وي?? آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ۽ پاليسي ريٽ هيٺ آئي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي معيشت بحال ٿي آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿ??ا آهن ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، دنيا پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪس??ان جي معيشت مان فائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان معاملا بهتر طريقي سان هلي رهيا آهن. آءِ ايم ايف معاهدو فائنل ٿيڻ وڃي رهي?? آهي، عوام کي جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ پاڪس??ان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ??اراض ڪيو، پرڏيهي پاليسي ان وقت ڇا هئي، هاڻي ڇا آهي، بهتري ڪيئن آئي آهي، توهان پاڻ ان جا جج آهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نه رڳو پاڪستاني ڪميونٽي پر ڊاڪٽرز، بينڪرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين سان ملاقاتون طئي آهن، ڪوشش هوندي ته ميڊيا کي ??ر لمحي کان باخبر رکيو وڃي، وزيراعظم جي اهم ملاقاتن جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا ويندا.
اسان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات