ا??لا?? آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو وزيراعظم سندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي وزيراعظم سان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به وزيراعظم جو گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪاب??نا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن وزيراعظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمان?? کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان وزيراعظم کي 21 توپن جي ??لا??ي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهما?? کي ??لا??ي پيش ڪئي. چين جو وزيراعظم بعد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي وزيراعظ?? وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاو?? کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.
چين جو وزيراعظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ا??لا?? آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.